اسرائيل جي هوائي حملن ۾ وڏي انگ ۾ معصوم ٻار ۽ بيگناهه عورتون شهيد ٿي رهيون آهن: گڏيل قومون
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي رتوڇاڻ جاري، وڌيڪ 5 فلسطيني شهيد، ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي هوائي حملن ۾ وڏي انگ ۾ معصوم ٻار ۽ بيگناهه عورتون شهيد ٿي رهيون آهن.
ترڪ صدر طيب اردگان جو چوڻ هو ته عورتن ۽ معصوم ٻارن کي شهيد ڪرڻ بربريت ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟