تقريب ۾ ڳائڻي نتاشا بيگ، ابرار الحق ۽ طلحه انجم به پي ايس ايل 10 جو ترانو پيش ڪيو، اسٽنرز به افتتاحي تقريب کي چار چنڊ لڳايا
راولپنڊي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 10 جي افتتاحي تقريب راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ ٿي گذري.
پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب جي شروعات قومي تراني سان ٿي ۽ افتتاحي تقريب ۾ پي ايس ايل 10 جي ٽرافي اسٽيج تي آندي وئي.
افتتاحي تقريب ۾ ملڪ جي مشهور فوڪ ڳائڻي عابده پروين صوفياڻو ڪلام پيش ڪيو، ان سان گڏ ڳائڻي علي ظرف تقريب ۾ شاندار پرفارمنس پيش ڪئي.
تقريب ۾ ڳائڻي نتاشا بيگ، علي ظفر، ابرار الحق ۽ طلحه انجم به پي ايس ايل 10 جو ترانو پيش ڪيو، اسٽنرز به پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب کي چار چنڊ لڳايا.
پاڪستان سپر ليگ 10 جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي راولپنڊي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ بهترين آتشبازيءَ جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو.