ٻنهي ملڪن پاران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق، ڳالهين جو ٻيون دور ايندڙ هفتي شروع ٿيندو
تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران ۽ آمريڪا پاران عمان ۾ ڳالهيون هاڪاري قرار، ايران ۽ آمريڪا، ڳالهين کي تعميري قرار ڏئي ڇڏيو.
ٻنهي ملڪن پاران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو ٻيون دور ايندڙ هفتي کان شروع ٿيندو.
ايراني پرڏيهي وزير چيو آهي ته آمريڪا ايران سان ايٽمي معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، هو ڳالهين جي ويجهو پهچي چڪا آهن.
وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اختلاف ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.