مارجي ويل پاڪستانين جا مڙهه ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ ايراني اختيارين سان رابطو
تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران ۾ ورڪشاپ تي فائرنگ ۾ 8 پاڪستاني قتل، مڙهه ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ ايراني اختيارين سان رابطو.
مارجي ويلن جو تعلق پنجاب جي شهر بهاولپور سان آهي، واقعو ايران جي صوبي سيستان ۾ پيش آيو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ايران ۾ 8 پاڪستانين جي قتل تي ڏک جو اظهار، پرڏيهي وزارت کي مارجي ويلن جي وارثن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت.
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ايراني حڪومت جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي حقيقتون سامهون آڻي.
وزيراعظم پاران مارجي ويلن جا مڙهه ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايتون جاري ڪيون ويون.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته مارجي ويلن جا لاش واپس آڻڻ لاءِ هو ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهن.