عمرڪوٽ، پني عاقل، ڀان سيدآباد، عثمان شاهه هڙي ۽ ٻين شهرن ۾ اسرائيل جي ظلمن ۽ فلسطينن جي حق ۾ احتجاجي ريليون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظلوم فلسطينين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ريليون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
عمرڪوٽ، پني عاقل، ڀان سيدآباد، عثمان شاهه هڙي ۽ ٻين شهرن ۾ مختلف ڌرين طرفان اسرائيل جي ظلمن ۽ مظلوم فلسطينن جي حق ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسرائيل فلسطينين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، معصوم ٻارڙن کي به شهيد ڪيو پيو وڃي.
اسرائيل غزا تي بمباري ڪري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، گڏيل قومون فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺن.