سيال موري اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪوچ ٽريڪٽر کي ٽڪر هنيو، حادثي ۾ عبيدالله کوسو فوت ۽ دل جان کوسو زخمي ٿي پيو
خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ڀرسان ڪوچ جي ٽريڪٽر کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.
سيال موري اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪوچ ٽريڪٽر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ عبيدالله کوسو فوت ۽ دل جان کوسو زخمي ٿي پيو، لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.