هي هڪ غير انساني، بزدلاڻو ۽ قبول نه ڪرڻ جوڳو واقعو آهي: پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفارتڪار
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ايران پاران سيستان ۾ 8 پاڪستانين جي قتل واري واقعي جي مذمت.
پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته هي هڪ غير انساني، بزدلاڻو ۽ قبول نه ڪرڻ جوڳو واقعو آهي.
دهشتگردي پوري خطي لاءِ هڪ مستقل گڏيل خطرو آهي، اهو لاڙو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هزارين ماڻهن جون جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي.
دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوشش وقت جي اهم ضرروت آهي.