ايراني حڪومت کي فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏيڻ گهرجي: شهباز شريف
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ايران جي صوبي سيستان ۾ 8 پاڪستاني مارجي وڃڻ واري واقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڏک جو اظهار ڪندي مڙهه ڏيهه واپس آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ايران جي صوبي سيستان جي علائقي مهرستان ۾ ورڪشاپ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 8 پاڪستانين کي قتل ڪري ڇڏيو.
ايراني ميڊيا موجب، ايراني اختياريون معاملي جي جاچ ڪري رهيون آهن، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه پاڪستان اماڻيا ويندا.
وزيراعظم شهباز شريف ايران ۾ 8 پاڪستانين جي قتل تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ايراني حڪومت کي فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏيڻ گهرجي.
وزيراعظم شهبازشريف چيو ته خطي جي ملڪن کي دهشتگردي خلاف هڪ گڏيل حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته پاڪستانين جي خاندانن ۽ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطو ڪري مقتولن جي لاشن جي محفوظ واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، مارجي ويلن جا لاش ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ هو ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهن.