آءِ ايم ايف ٽيم سان ڪيترن ئي نون ٽئڪس قدمن ۽ ٽئڪس نيٽ کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي: ذريعا
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) بجيٽ جي تياري ۽ ٻين معاملن تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيڪنيڪل وفد وچ ۾ ڳالهيون سڀاڻي کان شروع ٿيڻ جو امڪان.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ٽيم سان ڪيترن ئي نون ٽئڪس قدمن ۽ ٽئڪس نيٽ کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
ڳالهين ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 5 رپيا في ليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي فيصلو جو امڪان آهي.
فيصلي بعد فئنانس بل جو حصو بڻايو ويندو، نئين بجيٽ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي ٽئڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي فيصلي جو به امڪان آهي.