دولتپور صفن جي ڳوٺ مير محمد ڏاهري ۾ کوسا برادري جي 5 گهرن کي باهه وڪوڙي وئي.
دولتپور صفن (ويب ڊيسڪ) دولتپور صفن ڀرسان ڳوٺ مير محمد ڏاهري ۾ کوسا برادري جي 5 گهرن کي باهه وڪوڙي وئي.
باهه لڳڻ سبب پورهيتن جي گھرن جو گهرن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل.
متاثرن جو چوڻ آهي ته فائر برگيڊ عملي جي وقت تي نه پهچڻ سبب وڌيڪ نقصان ٿيو، اسان جي واهر ڪئي وڃي.
هوڏانهن بڇيري ويجهو ڳوٺ نواب مراد علي رند ۾ به ٻن گهرن کي باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب گهر ۾ رکيل سمورو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو.