وڏو وزير پنهنجي والد اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي 18هين ورسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ واھڙ پهتو
سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي سڀ کان اول ڪئنالن جي مخالفت ڪئي.
مراد علي شاهه چيو ته ڪجھه ماڻھو ڪئنالن جي معاملي تي پاڻ وڻائڻ چاھين ٿا، جيڪڏهن وفاق پنھنجي ضد تي قائم رهيو ته اسان به فيصلو ڪنداسين.
وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي والد اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي 18هين ورسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ واھڙ پهچي ويو.
ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وارا ڪنھن به معاملي تي سنجيده ناھن، ساڻن ڪهڙي ريت ڳالھيون ڪجن؟
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي والد جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه ڪئي ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري.