ايندڙ مهيني کان عام واهپي جي شين ۾ واڌ ٿي ويندي: گورنر اسٽيٽ بئنڪ
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) گورنر اسٽيٽ بئنڪ پاران مهانگائي وڌڻ جي رفتار ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني کان عام واهپي جي شين ۾ واڌ ٿي ويندي.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ادائگيون 26 ارب ڊالرز آهن، 8 ارب ڊالرز جي ادائيگي ڪري چڪا آهيون.
گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ هو ته زرعي ترقي بهتر ٿي رهي آهي، ترقي جي شرح 4 ڏهائي 2 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي.