سينٽرل پوليس آفيس ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٽريفڪ قانون ۾ سڌارن بابت اجلاس
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ روڊ حادثن تي ضابطن لاءِ ڳرا ڏنڊ مقرر ڪرڻ جو فيصلو.
سينٽرل پوليس آفيس ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٽريفڪ قانون ۾ سڌارن بابت اجلاس.
اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري ايڪسائيز، سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ٻين جي شرڪت.
چيف سيڪريٽري سنڌ جو ترجمان موجب اجلاس ۾ ٽريفڪ سڌارن بابت موٽر وهيڪلز آرڊيننس 1965 ۾ مختلف ترميمن جي منظوري ڏني وئي.
چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو آهي ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ سميت گاڏيون ضبط ڪيون وينديون.