شاگردياڻي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري اوباش نوجوانن پاران حراسان ڪرڻ جي شڪايت ڪئي
لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ اوباش نوجوانن پاران اسڪول ويندڙ شاگردياڻي کي رستي ۾ حراسان ڪرڻ جو انڪشاف.
شاگردياڻي سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ڪري اوباش نوجوانن پاران حراسان ڪرڻ جي شڪايت ڪئي.
پنهنجي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ شاگردياڻي چئي رهي آهي ته لاڙڪاڻي ۾ هاڻي ڏينهن ڏٺي جو به نياڻيون محفوظ نه آهن.
شاگردياڻي چوي ٿي ته توهان جي ڪنهن رڪشا ۾ چڙهندا ته رڪشا وارا تواهن کي حراسان ڪندا، جيڪڏهن رستي تان گذرندا ته اوباش نوجوان هوڪريان ۽ جملا هڻندا.