اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري جي مختلف ڳوٺن ڪهڙي، کاکڻهيار ۾ 100 وڌيڪ مور مري ويا
ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ٿر ۾ فطري حُسن رکندڙ مور پکين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پراسرار بيماري ڪر کنيو، 100 کان وڌيڪ مور مري ويا.
اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري تعلقن جي مختلف ڳوٺن ڪهڙي، کاکڻهيار، سرگهو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ 100 مور مري ويا.
ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي مور بيماري جو شڪار، ڳوٺاڻن جي جهنگلي جيوت کاتي کي تحرڪ وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ڊپٽي ڪنزرويٽر جو چوڻ آهي ته پراسرار بيماري سبب مور مري رهيا آهن، ٽيمون ڳوٺن ۾ وڃي مور پکين جو علاج ڪري رهيون آهن.