خان يونس ۾ اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ هڪ ئي گهر جي 10 ڀاتين به شهادت ماڻي
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فورسز جا معصوم فلسطينين تي حملا جاري، هوائي حملن ۾ وڌيڪ 64 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
ڏکڻ غزا جي شهر خان يونس ۾ اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ هڪ ئي گهر جي 10 ڀاتين سميت فلسطيني شهيد ٿي ويا.
گڏيل قومن جي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام خبردار ڪيو آهي ته غزا کي فوري خوراڪ جي ضرورت آهي، لکين ماڻهو بک جي ور چڙهيل آهن.