ڊاڪٽر شيوارام تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکنداسين: يونگ ڊاڪٽرز
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽر تي تشدد خلاف ٻئي ڏينهن به ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ.
2 ڏينهن اڳ آءِ سي يو وارڊ ۾ ڊاڪٽر شيوا رام تي ٿيل تشدد خلاف ينگ ڊاڪٽرن اوپي ڊي جي بائيڪاٽ کان پوءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ڊاڪٽر اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيستائين ڊاڪٽر شيوارام تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيندا، تيستائين او پي ڊي جو بائيڪاٽ جاري رهندو.