نائب وزيراعظم اسحاق ڊار افغان عبوري وزيراعظم ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار افغانستان دوري تي ڪابل پهچي ويو.
اسحاق ڊار افغان عبوري وزيراعظم ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندو، سيڪيورٽي، واپار ۽ عوامي لاڳاپن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ٿينديون.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ڪوشش آهي ته پاڪستان هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪن، افغانستان پاڙيسري ملڪ آهي، لاڳاپا بهتر آهن.