پي ٽي آءِ باني خلاف 10 ارب رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) 10 ارب هرجاڻي جي دعويٰ، پي ٽي آءِ باني جَي وڪيل جِي وزير اعظم کان آڏي پڇا.
پي ٽي آءِ باني خلاف 10 ارب رپين جَي هرجاڻي جِي دعويٰ جِي ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش.
ايڊيشنل سيشن جج يلماز غني هرجاڻي جي دعويٰ تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ياد ناهي ته دعويٰ داخل ڪرڻ کان اڳ عزت کي ڇيهو رسائڻ جو قانون پڙهيو هو يا نه.
وزراعظم چيو ته دعويٰ جي تصديق لاءِ اسٽيمپ پيپر منهنجي وڪيل جي ايجنٽ ذريعي خريد ڪيو ويو هو.
هن چيو ته اوٿ ڪمشنر پاڻ مون وٽ دعويٰ جي تصديق لاءِ آيو. اوٿ ڪمشنر جو نالو، تصديق جو ڏينهن ۽ وقت ياد ناهي پر هو پاڻ ماڊل ٽائون آيو هو.