ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور، ڊکڻ، خيرپور، ميهڙ، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون، مارچ، مظاهرا ۽ ڌرڻا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي اڏجندڙ تڪراري ڪئنال رٿا خلاف سنڌ سراپا احتجاج، ريليون، مارچ، مظاهرا ۽ ڌرڻا.
ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف گولا موڙ تي ڌرڻو، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور روڊ بند، گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
ڊکڻ ۾تڪراري ڪئنالن خلاف آبادگارن، پورهيتن ۽ مزدورن جو احتجاج ۽ ريلي، رتوديرو ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا خلاف نوجوان جو ٻارڙن سميت احتجاج.
خيرپور ۾ ڪئنالن خلاف سينٽرل جيل وٽ عورت جو ڳوٺاڻن سان گڏجي احتجاج، روڊ بلاڪ، ڳوٺاڻن خيرپور کان ڪنڌرا ۽ روھڙي ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڪيتريون گاڏيون بيهجي ويون.
ميهڙ ۾ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن جو تڪراري ڪئنالن خلاف عداليت ڪاررواين جو بائڪاٽ، مظاهرو.
لاڙڪاڻي ۾ کدڙا فقير تڪراري ڪئنالن خلاف رستن تي نڪري آيا، ريلي ڪڍي شهر جو گشت. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، سنڌوءَ جي ڦڙي ڦڙي تي سنڌين جو حق آهي، سنڌو کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين.