ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين شھرن کان پهتل وڪيل ڌرڻي ۾ ويٺل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين شھرن کان پهتل وڪيل ڌرڻي ۾ ويٺل.
سياسي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به ٻٻر لءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ موجود.
وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌ ۽ سنڌين جي جياپي جو وسيلو آهي، جدوجهد ڊگهي به ٿي سگهي ٿي.
هنن چيو ته جيستائين وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنالن واري منصوبي جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري نٿي ڪري تيستائين روڊن تي ويٺل هونداسين.