پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي
محرابپور (ويب ڊيسڪ) محرابپور ڀرسان محراب شاخ مان هڪ شخص جو لاش هٿ آيو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته محراب شاخ جي ڀرڳڙي ريگيوليٽر وٽان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو آهي.
فوتي جي ڄمار 60 سالن جي لڳي رهي آهي، فوتي جي جسم تي آپريشن جا ٽانڪا لڳل آهن.