فائرنگ ۾ 17 ورهين جي عزت خاتون چاچڙ قتل ٿي وئي، سندس سئوٽ 10 سالن جي سمينا چاچڙ زخمي
تنگواڻي (ويب ڊيسڪ) تنگواڻي ويجهو ڳوٺ الف بجاراڻي ۾ ھٿياربندن ڳوٺاڻي عبدالواحد چاچڙ جي گھر تي ڪاهه، فائرنگ.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 17 ورهين جي ناري عزت خاتون چاچڙ قتل ٿي وئي جڏهن ته سندس سئوٽ 10 سالن جي سمينا ڌيءُ محبوب چاچڙ زخمي ٿي پئي.
پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ناري جو لاش ۽ زخمي نينگري کي کڻائي ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو.