سنڌ جي سمورن شهرن ۾ ٽرانسپورٽ بند ۽ ڪاروبار مرڪز ويران بڻيل، ڪارڪنن عوامي ايڪسپريس کي روڪي ورتو، اڀ ڏاريندڙ نعريبازي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهراڻ جي پاڻيءَ تي داڙو نامنظور، جسقم بشير خان قريشي جي سڏ تي تڪراري ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال.
تڪراري ڪئنال خلاف جسقم جو لقمان ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو، جسقم ڪارڪنن پشاور کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس کي روڪي ورتو، جسقم ڪارڪنن جي وفاق خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي.
ملير، حيدرآباد، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو، ٺٽو، سجاول، بندين، ڄامشورو، خيرپور، جيڪب آباد، گمبٽ، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ٺل، ٽنڊوالهيار، تلهار، قمبر، قاضي احمد، پير جو ڳوٺ ۾ ڪاروبار بند.
نصيرآباد، مٺياڻي، ميرپوربٺورو، ميرپور ماٿيلو، ميرو خان، ميهڙ، ماتلي، منهڙو، ڪوٽ لالو، ڪنڊيارو، ڄام صاحب، گهارو، فقيرآباد، فيض گنج، دوڙ، دولتپور صحفن، ڊگهڙي، درياهه خان مري، ٻانڌي، دڙو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن شٽربند هڙتال.
سموري سنڌ ۾ ڪاروبار ۽ ڪاروباري مرڪز بند، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.