گذريل 72 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻي سبب سنڌ-پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري.
گذريل 72 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻي سبب سنڌ-پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي ۽ گاڏين جون وڏيون ۽ ڊگھيون قطارون لڳل آهن.
ڌرڻي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيستائين وفاقي حڪومت سنڌوءَ تي ڪئنال بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نٿي ڪري تيستائين ڌرڻو جاري رکنداسين.