پيپلز پارٽي مختلف فورمن تي ڪئنالن جي مخالفت ڪئي، جيڪڏهن ڪو اعتراضن کي نه ٻڌندو ته احتجاج ٿيندا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪئنالن جي معاملي تي ڪو مونجهارو آهي، اسان جو موقف واضح آهي ته ڪئنال نه ٺاهڻ گهرجن.
پيپلز پارٽي مختلف فورمن تي ڪئنالن جي مخالفت ڪئي، جيڪڏهن ڪو اعتراضن کي نه ٻڌندو ته احتجاج ٿيندا.
هن چيو ته ڪئنال منصوبو پنجاب حڪومت جو آهي، سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين کي ڪئنال رٿا تي اعتراض آهن.