سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري، انڊس هاءِ وي بند، گاڏين جون قطارون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ۾ عوامي هلچل، واهڻ وستي احتجاج، مک روڊن تي ڌرڻا لڳل، هر پاسي ڪئنال نامنظور نعرن جِي گونج.
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري، انڊس هاءِ وي بند، گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
ڀرياروڊ ۾ ڪئنال رٿا خلاف شٽربند ھڙتال، ڊکڻ ۾ سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف اسڪولي ٻارڙا توڙي شهري رستن تي نڪري آيا، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو.
شيخ ڀرڪيو ۾ شاگرد اتحاد پاران ڊگھه موري تي سنڌو درياهه مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف مظاهرو.
ڇني ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف سياسي، سماجي تنظيمن جو احتجاج، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جا ماڻھو پنهنجي زمين، پاڻي ۽ وسيلن تي ڪنهن به قسم جي والار برداشت نه ڪندا.
اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي جياپي سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻي سنڌ واسين جي جيئڻ جو به حق کسي پيو وڃي.