تڪراري ڪئنالن بابت وڪيلن جو مطالبو پورو ٿيڻ تائين عدالتي هڙتال جاري رهندي، ڪوبه وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيندو: سنڌ بار جو اعلان
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن خلاف سموري سنڌ جي عدالتن ۾ اڻڄاڻايل مدي تائين هڙتال، عدالتي ڪار وهنوار ٺپ.
سنڌ بار ڪائونسل اعلان ڪيو آهي ته تڪراري ڪئنالن بابت وڪيل برادري جو مطالبو پورو ٿيڻ تائين هڙتال جاري رهندي، ڪوبه وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيندو.
سنڌو درياهه تي غير قانون ۽ غير آئيني ڪئنالن خلاف وڪيل برادريءَ جو سنڌ جي مختلف هنڌن تي ڌرڻن ۽ احتجاجن جو سلسلو هلندڙ.