پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل آپريشن دوران 10 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا
ميانوالي (نيشنل ڊيسڪ) پنجاب پوليس ۽سي ٽي ڊي مڪڙوال ۾ دهشتگردنخلاف آپريشن ڪيو جنهن دوران 10 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ميانوالي ۾ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل آپريشن دوران 10 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا.
پنجاب پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مقامي شخص ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن جو علاج جاري آهي.
آءِ جي پي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته پنجاب پوليس الرٽ آهي، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملايو ويندو.