شهرن، ڳوٺن ۽ واھڻ وستين ۾ ڀرپور مظاھرا، وڪيل، ھاري، آبادگار، ڊاڪٽر، شاگرد، عورتون، نياڻيون، سڀ روڊن تي نڪري آيا
ڪراچي (ويب ديسڪ) سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ خلاف شروع ٿيل عوامي تحريڪ عروج تي پھچي وئي.
شهرن، ڳوٺن ۽ واھڻ وستين ۾ ڀرپور مظاھرا، وڪيل، ھاري، آبادگار، ڊاڪٽر، شاگرد، عورتون، نياڻيون، سڀ روڊن تي نڪري آيا، سڀن جي وات ”سنڌوءَ تي ڌاڙو، نامنظور“ جو هڪ ئي نعرو.
ٺل ۾ جيئي سنڌ محاذ جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو لڳل، مظاهرين روڊ تي شاميانا لڳائي ويهي رهيا، پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
ڏهرڪي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف قومي شاهراهه تي ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري، اسڪولي ٻارڙا به ڌرڻي ۾ شامل، تدريسي عمل جو بائيڪاٽ، پنجاب ڏانهن ويندڙ يوريا ڀاڻ، پيٽرول ۽ ڪوئلي جون سوين گاڏيون بيهجي ويون.
ڪنڌڪوٽ جي گولا موڙ تي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿيل.
قمبر ۾ سنڌو درياهه مٿان تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف ٻارڙن جو احتجاج.
سيٺارجا ۾ دنڪاندار ايسوئيشن جي سڏ تي شٽربند هڙتال، ڪاروباري مرڪز مڪمل بند.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جا ماڻھو پنهنجي زمين، پاڻي ۽ وسيلن تي ڪنهن به قسم جي والار برداشت نه ڪندا.
هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي جياپي سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻي جيئڻ جو به حق کسيو پيو وڃي.