ڪئنال رٿا واپس وٺڻ لاءِ وفاق کي وڌيڪ 72ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ۽ ٻٻرلوءَ باءِ پاس وٽ ڌرڻو به جاري رهندو
ٻٻر لوءِ (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري، سياسي، سماجي، مذهبي، قوم پرست، ڳوٺاڻن، آبادگارن، توڙي سول سوسائٽي جي ماڻهن جي ٻڌي جي اظهار لاءِ ڏينهن رات آمد.
ٻٻر لوءِ باءِ پاس تي وڪلين جي لڳل ڌرڻي ۾ هر پاسي سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا، عورتون، ناريون ۽ ٻارڙا به ڌرڻي ۾ ويٺل.
وڪيلن پاران اڄ ڪمون شهيد، ڪشمور ڊيرا موڙ ۽ ڪراچي ۾ ڌرڻن جو اعلان.
ان موقعي تي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته ڪئنال رٿا واپس وٺڻ لاءِ وفاق کي وڌيڪ 72ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو آهي.
ان دوران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ۽ ٻٻرلوءَ باءِ پاس وٽ ڌرڻو به جاري رهندو، 72 ڪلاڪن کان پوءِ ريلوي ٽريڪ بند ڪيا ويندا.
ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو ٻٻرلوءِ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جو سياست سان ڏيڻ وٺڻ ناهي.
هنن چيو ته تڪراري ڪئنالن خلاف جدوجهد کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽنداسين، سنڌ جي وسلين تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.