سنڌ جي وسيلن تي قبضو ۽ استحصال نه قبولبو، جي يو آءِ سنڌ جي عوام جو هر فورم تي آواز بڻبي: جي يو آءِ سربراهه
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه فصل الرحمان چيو آهي ته حڪومت ڪئنالن واري معاملي تي ڪجهه لِڪائي رهي آهي.
وسيلن تي قبضو توڙي سنڌ جو استحصال قبول نه ڪيو ويندو، جي يو آءِ سنڌ جي عوام جو هر فورم تي آواز بڻبي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اها حڪمرانن جي نااهلي آهي جو اڃا تائين مسئلي جو حل نه ڪڍي سگهيا آهن.
هن چيو ته مسئلي جو حل مرڪز ۾ سڀني کي ويهاري حاصل ڪري سگهجي ٿو، محسوس ٿئي ٿو ته حڪومت جي دل ۾ ڪو چور آهي.
مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ زرعي پاڻي جي ورڇ آئين ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجي.