خدشا ختم ٿيندا ته ماڻهو پرامن ٿي ويندا ۽ احتجاج ختم ٿي ويندا: سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وزيراعظم ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ته خدشا ختم ٿي ويندا.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خدشا ختم ٿيندا ته ماڻهو پرامن ٿي ويندا ۽ احتجاج ختم ٿي ويندا.
هن چيو ته سنڌ کي پهرين ئي حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جڏهن پاڻي جي کوٽ آهي ته پوءِ اوهان نون ڪئنالن جو ڪيئن سوچي سگهو ٿا؟