مخالف ڌر ۽ قومپرستن جي احتجاج جي آجيان ڪريون ٿا، چاهيون ٿا ته ڪئنال معاملي تي سڀ گڏ هجون: پريس ڪانفرسن
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مظاهرين احتجاج جاري رکن، اسان ساڻن گڏ آهيون، پر عوام کي تڪليف نه پهچي.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مخالف ڌر ۽ قومپرستن جي احتجاج جي آجيان ڪريون ٿا، چاهيون ٿا ته ڪئنالن جي معاملي تي سڀ گڏ هجون.
هن چيو ته اسان جو مقصد ڪئنالز منصوبي کي روڪڻ آهي، سنڌ حڪومت ڪئنالز بابت واضح موقف رکي ٿي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جون ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪئنال رٿا ختم نه ڪرڻ تي وفاق مان خوش ناهيون.
مراد علي شاهه چيو ته ڪئنال رٿا ايڪنڪ ۾ اڳيان ناهي وڌائي وئي، گذريل سال کان ڪئنالن جي اڏاوت جو ڪم روڪيل آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت سڀ کان اڳ ڪئنالن جي مخالفت ڪئي، سنڌ حڪومت چاهي ٿي تڪراري ڪئنال رٿا ختم ڪئي وڃي، هي منصوبو ملڪي بهتري لاءِ صحيح ناهي.