وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطا تاررڙ ۽ طارق فاطمي به شامل
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪيءَ روانون ٿي ويو.
وزيراعظم سان گڏ ترڪيءَ جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطا الله تاررڙ ۽ خاص ٻانهن ٻيلي طارق فاطمي به شامل آهن.
وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان سان ٻه طرفن لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو .
ٻنهي ملڪن وچ ۾ دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي سهڪار ۽ ڪوآرڊينيشن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ سهڪار ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) جي شڪل ۾ قيادت جي سطح جو ادارتي مڪينزم پڻ موجود آهي.