ارسا 50ورهين جي ڊيٽا جي بنياد تي رٿا لاءِ سرٽيفڪيٽ ڏنو، ارسا جو سرٽيفڪيٽ غلط انگن اکرن تي ٻڌل آهي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته خيالي ڳالهين تي ڪئنالن وارو منصوبو جوڙيو ويو، وزيراعظم معاملي کي ڏسي ٺيڪ فيصلو ڪري.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ صوبائي وزير عاجز ڌامراهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن دوران ناصر حسين شاهه چيو ته تڪراري ڪئنال قبول نه آهن.
هن چيو ته ارسا 50ورهين جي ڊيٽا جي بنياد تي رٿا لاءِ سرٽيفڪيٽ ڏنو، ارسا جو سرٽيفڪيٽ غلط انگن اکرن تي ٻڌل آهي.
ان موقعي تي پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته پ پ کي خبر هئي ته ڪئنال سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي ڪوشش تي رٿا جي مخالفت ڪئي وئي.
پ پ اڳواڻ چيو ته ڪئنالن بابت هر احتجاج جي آجيان ڪيون ٿا، سوشل ميڊيا تي ڪئنالن بابت گهٽ پ پ تي وڌيڪ تنقيد ٿي رهي آهي.