گڏيل اجلاس ۾ صدر آصف زرداري واضح ڪيو ته ڪئنالن جي حمايت نه ڪنداسين: پريس ڪانفرنس
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي عوام جا خدشا ختم ڪيا وڃن، ڪئنالن جو معاملو سڀ کان اڳ پيپلز پارٽي اٿاريو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه پريس ڪانفرنس ڪئي،
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته گڏيل اجلاس ۾ صدر آصف زرداري واضح ڪيو ته ڪئنالن جي حمايت نه ڪنداسين.
سنڌ سرڪار جو موقف آهي ته تڪراري ڪئنال نه ٺاهيا وڃن، وفاق کي منصوبو رد ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو چيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪئنالن بابت ماڻهن جا خدشا جائز آهن، آئين موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ۾ موجود ناهي، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ماڻهو چون ٿا پ پ ماٺ هئي، بعد ۾ ڇو جاڳي؟ سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ لاءِ وڏو وزير، وزيراعظم کي خط لکندو رهيو آهي.
هن چيو ته ن ليگ جا ڪجهه وزير چڙ ڏياريندڙ بيان ڏين پيا، ليگي اڳواڻن جي بيانن سان مسئلا وڌندا، پ پ صبر جو مظاهرو ڪري پئي، امتحان نه ورتو وڃي.
ليگي وزيرن بيانن کان پاسو نه ڪيو ته جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي وينداسين، اسان پنهنجن ترجمانن کي روڪي نه سگهنداسين.
شرجيل ميمڻ چيو ته اهڙي روش سان معاملا نه هلي سگهندا، لڳي ٿو ته پنجاب حڪومت جو وفاق سان جهيڙو آهي.
شرجيل مميڻ مظاهرين کي مخاطب ٿيندي چيو ته احتجاج ڀل ڪيو پر روڊ بند نه ڪيا وڃن، احتجاج سان ماڻهن جو نقصان ٿي رهيو آهي، اسان به پرامن احتجاج ۽ جلسا ڪريون پيا.