ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف کي سڌارا جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان آءِ ايم ايف سربراهه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف کي سڌارا جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات، ناڻي واري وزير پاران اجلاس جي سائيڊلائن ملاقات ۾ اسٽاف سطح معاهدي تي خوشي جو اظهار.
ملاقات دوران ٽيڪس نظام، توانائي، سرڪاري ملڪيتي ادارن ۽ ٻين شعبن ۾ جاري سڌارن تي روشني وڌي وئي.
ناڻي واري وفاقي وزير معدنيات جي شعبي ۾ آمريڪا سان گڏ سهڪار جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.