وڪيل، ھاري، ناري، آبادگار، ڊاڪٽر، شاگرد، سڀ روڊن تي نڪري آيا، سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور جو نعرو بلند
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ خلاف تحريڪ عروج تي پھچي وئي، شهرن، ڳوٺن ۽ واھڻ وستين ۾ ڀرپور مظاھرا.
وڪيل، ھاري، ناري، آبادگار، ڊاڪٽر، شاگرد، سڀ روڊن تي نڪري آيا، سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور جو نعرو بلند.
ٺل ۾ جيئي سنڌ محاذ جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، شاميانا لڳائي ويهي رهيا، پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل.
ٻٻرلوءَ وڪيلن جي احتجاج ۾ سياسي سماجي ڌرين جي اچڻ جو سلسلو جاري، ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ هندو پنچائت جا اڳواڻن پهچي وڪيلن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو.
ڏهرڪي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف قومي شاهراهه تي ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري، اسڪولي ٻارڙا به ڌرڻي ۾ شامل، تدريسي عمل جو بائيڪاٽ، پنجاب ڏانهن ويندڙ يوريا ڀاڻ، پيٽرول ۽ ڪوئلي جون سوين گاڏيون بيهجي ويون.
ڪنڌڪوٽ جي گولا موڙ تي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، گاڏين جي اچ وڃ معطل، نئين ديري ۾ سنڌوءَ درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سول سوسائٽي جو 24 ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري.
نصيرآباد ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف جنرلسٽ فورم پاران انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو، وفاق خلاف سخت نعريبازي.
سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف سرحد شهر ۾ شٽربند هڙتال ۽ احتجاج، لعلو رائنڪ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف ڳوٺاڻن جي شاندار ريلي.
لاڙڪاڻي ۾ نابين به روڊن تي اچي ويا، هٿن ۾ اڇيون لٺيون ۽ بئنر کڻي ڪئنالن خلاف نعريبازي.
موري جي قومي شاھراھه تي شاگردن جو چوٿين ڏينھن به احتجاجي مظاهرو.
قمبر ۾ سنڌو درياهه مٿان تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف ٻارڙن جو احتجاج، سيٺارجا ۾ دنڪاندار ايسوئيشن جي سڏ تي شٽربند هڙتال، ڪاروباري مرڪز مڪمل بند.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پنهنجي نسلن جِي بقا خاطر ڪنهن به صورت ۾ سنڌ دشمن ڪئنال رٿا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.