سنڌ جا اڪثر روڊ بلاڪ هئڻ سبب پيٽرول جا 800 کان وڌيڪ ٽينڪر ڦاٿل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجن کان پوءِ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ وڌي وئي.
سنڌ جا اڪثر روڊ بلاڪ هئڻ سبب پيٽرول جا 800 کان وڌيڪ ٽينڪر ڦاٿل، فيول جي فراهمي ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن.
پيٽروليم ڪمپنين جو سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي معاملي ۾ تڪڙا قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.