ڳوٺ بخشو جمالي وٽ سوين ماڻهن ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، پنجاب کان ڪراچي ايندڙ ريل کي به روڪيو ويو
سرهاڙي (ويب ڊيسڪ) سرهاڙي ڀرسان عوام تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ۾ هزارا ايڪسپريس کي روڪي ڇڏيو.
ڳوٺ بخشو جمالي وٽ سوين ماڻهن ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، پنجاب کان ڪراچي ايندڙ ريل کي به روڪيو ويو.
سرهاڙي ۾ ٽرين روڪڻ بعد ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي سکر ايڪسپريس ۽ خيبر ميل ريل گاڏيون روانيون نه ٿي سگهيون.
ڪراچي کان جيڪب آباد ويندڙ سکر ايڪسپريس کي سٽي اسٽيشن تي بيهاريو ويو، لاهور ويندڙ خيبر ميل کي ڪينٽ اسٽيشن تي بيهاريو ويو.