پوليس اهلڪار ٽرڪ کي روڪي جهڙتي بهاني کيسي ۾ پيل 50 هزار رپيا کسي ويا آهن: ڊرائيور
غوثپور (ويب ڊيس) غوثپور ۾ ٽرڪ ڊرائيورن جو شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو، اهلڪارن تي پئسا ڦرن جو الزام.
ٽرڪ ڊرائيور الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪار ٽرڪ کي روڪي جهڙتي بهاني کيسي ۾ پيل 50 هزار رپيا کسي ويا آهن.
احتجاج ڪندڙ چيو ته پوليس امن امان کي بهتر ڪرڻ بدران عوام کان ڦرلٽ ڪري رهي آهي، ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري.