وڪيل اڳواڻن ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ اڳيان پنهنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا
سکر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر بشير ميمڻ ڳالهين لاءِ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ پهچي ويو.
بشير ميمڻ وڪيل اڳواڻ عامر نواز ورائچ، ذوالفقار جلباڻي ۽ ٻين وڪيل اڳواڻن سان ملاقات ڪري ساڻن ڳالهيون ڪيون.
بشير ميمڻ ۽ وڪيلن جي ڳالهين واري ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون، بشير ميمڻ پاران سنڌ جا روڊ کولي عوام کي پريشانين کان بچائڻ جي گھر.
مسلم ليگ (ن) جي صدر بشير ميمڻ اڳيان وڪيل اڳواڻن پنهنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا.
ن ليگ صدر بشير ميمڻ چيو ته مٿي قيادت سان ڳالهائي توهان کي ڪو جواب ڏنو ويندو، ڪافي ڏينهن کان روڊ بند هئڻ سبب عوام پريشان آهي.