وڪيلن سان ٻڌي طور سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، ڳوٺاڻن، آبادگارن، توڙي سول سوسائٽي جي ماڻهن جي ڏينهن رات آمد
ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري.
وڪيلن سان يڪجهتي طور سياسي، سماجي، مذهبي، قوم پرست، ڳوٺاڻن، آبادگارن، توڙي سول سوسائٽي جَي ماڻهن جِي ڏينهن رات آمد.
ڌرڻي ۾ صوفي راڳي به سنگ سميت پهتل، سنڌ جي قومي گيتن جي گونجار.
ڪمون شهيد سنڌ–پنجاب دنگ تي به ڌرڻو لڳل، پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل.
ڪراچي بار جي سڏ تي بن قاسم لنڪ روڊ تي ٽئين ڏينهن به ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته سنڌ سان وفا ڪرڻ جو وقت هاڻ اچي ويو آهي.
هن چيو ته ڪئنالن وارو فيصلو واپس ٿيڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين، وفاق ڀلي ڪنهن به پارٽي سان ڳالھائي، اسان کي ڪو ڪريڊٽ نه گهرجي.