ڏوھارين جي حملي ۾ اهلڪار شير محمد لاشاري، خيرمحمد ۽ يوسف زخمي ٿي پيا
ڳڙهي حسن (ويب ڊيسڪ) ڳڙھي حسن ۾ پوليس مٿان ڏوهارين جو حملو، 3 اهلڪار زخمي.
پوليس اهلڪارن تي ڏوھارين جي حملي ۾ اهلڪار شير محمد لاشاري، خيرمحمد ۽ يوسف زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آھي ته ڏوھاري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آھن، زخمي اھلڪارن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.