پهلگام واقعي تي ڀارتي اعلان بعد پاڪستان جو ردعمل ڇا هئڻ گهرجي؟ اجلاس ۾ ويچاريو ويندو
پهلگام (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پهلگام واقعي تي ڀارتي اعلان بعد پاڪستان جو ردعمل ڇا هئڻ گهرجي؟
قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو.
اجلاس ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪندي، پهلگام فالس فليگ کان پوءِ واري صورتحال تي غور ڪيو ويندو، ڀارتي قدمن خلاف اثرائتي جواب جو فيصلو ڪيو ويندو.
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي ايئن معطل نٿو ڪري سگهي، معاهدي ۾ رڳو پاڪستان ۽ ڀارت نه پر ٻيون ڌريون به شامل آهن.