سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي عدالتن ۾ اڄ به تالابندي.
سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيل آهي.
ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ مڪمل هڙتال، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپوخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا.
ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ بار ڪائونسل ڪئنال رٿا جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو.