ڏهرڪي، ڪنڌڪوٽ، جھُڏو، نئون ديرو، وارهه، قبو سعيد خان، ريتي، ٺاروشاهه ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج، ريليون ۽ ڌرڻا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف سنڌ سراپا احتجاج، مختلف شهرن ۾ ڀرپور مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا.
ڏهرڪي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري و ساري.
ڪنڌڪوٽ ۾ به ڪئنال رٿا خلاف گولا موڙ وٽ 72 ڪلاڪن کان ڌرڻو لڳل، وڏي انگ ۾ گاڏين جون قطارون بيٺل،پنجاب ويندڙ سايون ڀاڄيون خراب ٿيڻ لڳيون.
جھُڏي ۾ تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند.
پ پ شهيد ڀٽو جي سڏ تي نئين ديري ۾ شٽربند هڙتال، وارهه ۾ سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري عمل خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي شٽربند ھڙتال.
قبي سعيد خان ۾ سنڌو درياهه مان نوان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري سنڌ دشمن رٿا خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي احتجاج.
ريتي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف آواز اٿارڻ لاءِ ٽريڪٽرن تي سوار ٿي ريلي، احتجاج دوران آبادگارن پاران ڇتي نعريبازي.
ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ چنيسر عالماڻي جي اسڪولي شاگردن ۽ استادن طرفان تڪراري ڪينالن خلاف پنج ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ڪئنال رٿا ختم ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاي ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.