تازہ ترین

ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي ٻن گروپن ۾ جھيڙو، 5 ڊاڪٽر زخمي

اسپتال انتظاميا موجب ينگ ڊاڪٽرن جي هڪ گروپ او پي ڊي کولرائي ته ڊاڪٽرن جي ٻئي گروپ او پي ڊي بند ڪرائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ينگ ڊاڪٽرز جي ٻن گروپن ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ 5 ڊاڪٽر زخمي ٿي پيا.

اسپتال انتظاميا موجب ينگ ڊاڪٽرن جي هڪ گروپ او پي ڊي کولرائي ته ڊاڪٽرن جي ٻئي گروپ او پي ڊي بند ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد جھيڙو شروع ٿيو.

اسپتال عملدارن جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي مريضن سان گڏ آيلن پاران ڊاڪٽرن تي تشدد خلاف واءِ ڊي اي جو هڪ گروپ هن وقت تائين احتجاج تي آهي.

اسپتال انتظاميا موجب پوليس موقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي قابو آندو آهي ۽ وڌيڪ جھيڙي کي ٽاري ڇڏيو آهي.

اسپتال انتظاميا موجب اسپتال جو سموريون او پي ڊيز کولرايون ويون آهن ۽ ڪجھه ڊاڪٽرن کي پوليس پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com