پيپلزپارٽي جو پهريون ڏينهن کان موقف رهيو آهي ته تڪراري ڪئنال ختم ڪيا وڃن: صوبائي وزير
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وزيراعظم دير سان سهي پر سمجهي ويو ته سنڌ، سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال ڪڍڻ نه ڏيندي.
صوبائي وزير سعيد غني ايڪسپو سينٽر ايگا پاڪستان 2025ع جي افتتاحي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي درياهه جي پاڻي کي ڪير روڪي نٿو سگهي.
دنيا شاهد آهي ته سنڌو جو پاڻي اسان جو پاڻي آهي، پيپلزپارٽي جو پهريون ڏينهن کان موقف رهيو آهي ته تڪراري ڪئنال ختم ڪيا وڃن.
سعيد غنيءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت تحقيق ڪرڻ بدران سمورا الزام پاڪستان تي مڙهي ڇڏيا جيڪو عمل درست ناهي.